Profile of Kirat Babani

ڪيرت ٻاٻاڻي جو اصل نالو ڪيرت چئوٽرام ٻاٻاڻي آهي . هو 3 جنوري 1892ع ۾ ڳوٺ موريو لاکو تعلقه سڪرنڊ ۾ جنم ورتو، هن اسڪولي تعليم مئٽرڪ تائين ”ولس اسڪول نوابشاهه“ (لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول نواب شاهه جي برانچ، هاڻي گورنمينٽ ايڇ. ايم خواجه هاءِ اسڪول جي برانچ) ۾ حاصل ڪئي. هو بي. اي ڊي جي ڪاليج مان ۽ ايل. ايل. بي پهريون سال شاهاڻي لا ڪاليج ڪراچي ۾ پڙهيو ـ
 ڪيرت ٻاٻاڻيءَ سنڌ اندر پورهيتن ۽ شاگرد جدوجهد سان گڏ انگريزن کان ملڪ جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڪانگريس جي اثر هيٺ حصو ورتو. پاڻ سنڌ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ سرگرم رهيو ۽ ڪيترائي ڀيرا جيل به ويو. سندس شمار سنڌي ادبي سنگت جي باني ميمبرن ٿئي ٿو. سنڌ ۾ رهڻ دوران جديد ترقي پسند ادب کي اي. جي. اُتم، گوبند پنجابي ۽ گوبند مالهيءَ سان گڏجي همٿايو. ’نئين دنيا‘ ڪتاب گهر ڪراچيءَ جو ان ڏس ۾ وڏو ڪردار آهي. هن ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ڇڏڻ نه ٿي چاهي، پر پهرين سرڪار کيس باغي سرگرمين ۾ شرڪت سبب 11 مهينا قيد ۾ رکيو ۽ آزاديءَ بعد به سي. آءِ. ڊي سندس پيڇو نه ڇڏيو. ڪجهه وقت جي. ايم. سيد ۽ حيدر بخش جتوئيءَ وٽ لڪندي گذاريائين. جتوئي صاحب جي ”هاري حقدار“ اخبار سنڀاليائين، پر سيءَ. آءِ. ڊيءَ سندس پيڇو نه ڇڏيو ۽ نئين پاڪستاني حڪومت هڪدم ملڪ ڇڏڻ جو پروانو هٿ ۾ ڏئي، کيس سنڌ مان زوريءَ روانو ڪيو ۽ هو اکين مان لڙڪ لاڙيندو پنهنجي جنم ڀوميءَ کي الوداع ڪري هند روانو ٿي ويو ـ 
ڪيرت ٻاٻاڻي علالت جي بستري تي هو ته سندس آخري خواهش هئي ته ڪاش! کيس اجازت (ويزا) ملي ته هو ويل چيئر تي به جهاز جو سفر ڪري، ڪراچيءَ پهچي ۽ ماتر ڀومي سنڌ کي چمي ڏيڻ جي سعادت حاصل ڪري، پر سندس اها خواهش پوري نه ٿي ـ 
ڪيرت ٻاٻاڻي جلاوطنيءَ جي لڳ ڀڳ مني صدي سنڌڙيءَ جي سار دل ۾ سمائي زندهه رهيو ۽ هل پل به سنڌي قوم، سنڌي ادب ۽ سنڌي سڀيتا جي ترقيءَ، سلامتيءَ ۽ زندگيءَ کان غافل نه رهيو ۽ سوين ادبي ۽ سڀيتائي سيمينار ڪيائين ”سنڌي ساهت منڊل“ ۽ ”اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ جي مورچن تان ”سنڌيت“ کي سلامت رکڻ لاءِ جاکوڙيندو رهيو ـ 
ڪيرت سائين جنهن گوبند مالهي، اتم، موهن گيهاڻي، ڪرشن کٽواڻي، رام پنجواڻي، ارجن شاد، ڪرشن راهي، پوپٽي هيرانندڻيءَ، ڪلا پرڪاش، موتي پرڪاش، سندري اتمچنداڻي، موهن ڪلپنا، ٽيڪچند مست، لڇمڻ ڪومل، لکمي کلاڻي ۽ ٻين سان گڏجي، 1950ع کان 1966ع تائين ”سنڌي ٻوليءَ جي تسليميءَ“ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪئي ۽ 10 اپريل 1967ع تي، ڀارت جي آئين جي اٺين شيڊول ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي تسليم ڪرايو ـ 
ڪيرت ٻاٻاڻيءَ سائين جي ايم سيد جا ”پاڪستان جو ماضي، حال ۽ مستقبل“ ۽ ”سنڌوديش ڇو ۽ ڇا لاءِ؟“ ڇپايا هئا، ڪيرت ٻاٻاڻي خود وڏو اسڪالر، اديب، ڪهاڻيڪار، نقاد، ناٽڪ نويس، لوڪ ادب جو ڄاڻو، شاعر ۽ ترجمي نگار هو، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ هوءَ (ڪهاڻيون)، جو درد دل ۾ نه سمائجي سگهيو (ڪهاڻيون)، نه ليليٰ نه مجنون (ڪهاڻيون)، اوهين سڀ ننگا نڪتا آهيو (ڪهاڻيون)، سوريءَ سڏ ڪيو (ناٽڪ)، ڌرتيءَ جو سڏ (ناٽڪ)، ادب ۾ قدرن جو سوال (تنقيد)، اوک ڊوک (تنقيد)، امن جو افق ڏانهن (مضمون)، پيهي منجھ پاتال (مضمون)، چونڊ سنڌي مضمون (ترتيب)، ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جو جائزو، اٻول راڻي (لوڪ ڪهاڻي)، چونڊ سنڌي ڪهاڻيون (ترتيب)، جيڪي ڏٺو هو مون (روس جو سفرنامو)، ڪجھ ٻڌايم ڪجھ لڪايم (آتم ڪٿا، چار حصا)، لڪيو لياڪا پائين (شاعري)، سو سڏ سو پڙاڏو (اڌ صديءَ جا خط)، سنڌيت جو سفر (سنڌي ٻولي هلچل جو دستاويز)، مراٺي ادب جي تاريخ (ترجمو) مالوا (ميڪسم گورڪيءَ جي ناول جو ترجمو)، ڪُولي (ملڪ راج آنند جي ناول جو ترجمو) اچي وڃن ٿا ـ 
سائين ڪيرت ٻاٻاڻي کي ”سوويت لئنڊ نهرو“ امن ايوارڊ (1980ع)، تعليم کاتي دهليءَ پاران ”اعليٰ ادبي خدمتن تي مڃتا“ ايوارڊ (1986ع)، مهاراشٽر سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ پاران ادبي ايوارڊ (1989ع) سميت ڏيهه پرڏيهه جا ڪيترا ايوارڊ پڻ مليا ـ 
سائين جي ايم سيد، حشو ڪيولراماڻي ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ساٿيءَ ۽ هند ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏياريندڙ ڪيرت ٻاٻاڻي 7 مئي 2015ع تي صبح سوير جلاوطنيءَ دوران ممبئيءَ ۾ 93 سالن جي ڄمار ۾ پساھ پورا ڪيا ـ