Profile of Durreshahwar Syed

درشهوار سيد 21 مارچ 1942ع تي ڳوٺ ”سن“ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو. پاڻ جي ايم سيد جو آخري اولاد، ٻن ڀينرن ۽ ٻن ڀائرن جي ٽين ڀيڻ هئي. انهيءَ زماني ۾ جي ايم سيد سياسي ميدان ۾ گهڻو سرگرم هو ۽ ڪراچي ۾ رهندو هو. سندس جنم کان ڪجھ سال پوءِ پڙهڻ جي وهيءَ کي پهتي تڏهن سندس پڙهائي مسئلو بڻجي وئي، ڇاڪاڻ ته 1947ع ۾ ملڪ جي ورهاڱي سبب ڳوٺ جي گرلس پرائمري اسڪول ۾ پڙهائڻ واريون هندو ماسترياڻيون ملڪ ڇڏي ويون هيون ۽ اتان جي اسڪول بند ٿي چڪو هو، نيٺ سوچ ويچار کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته کيس ڪراچي ۾ ”حيدر منزل“ تي ڀائرن سان رهائي پڙهايو وڃي، اهڙي طرح درشهوار سيد جي ڪراچي ۾ تعليم جي شروعات ٿي. جنهن ۾ کيس (سينٽ جوزف ڪانوينٽ اسڪول) ۾ داخل ڪرايو ويو ـ
پاڻ ميٽرڪ تائين اتي تعليم پرائڻ کانپوءِ ساڳئي ڪاليج ۾ داخلا ورتائين، جتان 1967ع ۾ بي اي پاس ڪرڻ کانپوءِ پاڻ پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ جي لاءِ ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين، جتان 1969ع ۾ ايم اي فلاسافي جي ڊگري حاصل ڪيائين، هي اهو ئي زمانو هو ، جنهن ۾ درشهوار جي پڙهڻ تي خانداني طور تي وڏا اعتراض ڪيا ويا پر سائين سڀني اعتراضن ۽ ڳالهين کي نظرانداز ڪري کين اڳتي پڙهايو، پاڻ اڃا ايم اي جي ڊگري نه ورتي هئائين ته سندس والد محترم جي ايم سيد کي انهيءَ ڳالھ تي راضي ڪيو ته کيس پي ايڇ ڊي ڪرڻي آهي پوءِ پاڻ جيئن ايم اي پاس ڪيائين ته سائين جي ايم سيد کيس سنڌ يونيورسٽي ۾ داخل ڪرايو، ان وقت سيد غلام مصطفيٰ شاهه وائيس چانسلر هو، جيڪو سندس گهر جي فرد وانگر هو ۽ کيس پڙهائي ۾ شروع کان ئي مدد ڪندو رهندو هو، ڪجھ وقت کانپوءِ سيد حسام الدين راشدي جي مشوري سان هن 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان فارسي جو سرٽيفڪيٽ ڪروس ڪيو، جيئن فارسي شاعري جو مطالعو ڪري، ايران ۽ سنڌ جي صوفي ڪلچر جي ڀيٽ ڪري سگهي، ڪجھ وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ رهڻ ۽ اتي تعليمي ماحول نه ئڻ ۽ ان جو معيار جو ڪو عالم استاد نه هئڻ سبب پاڻ انهيءَ جي شڪايت پنهنجي والد سان ڪيائين، نيٺ جي ايم سيد کيس 1974ع ۾ لنڊ موڪليو ته جيئن اتي وڃي شاهه لطيف تي پي ايڇ ڊي ڪري. اهڙي طرح پاڻ انگلينڊ جي سسيڪس يونيورسٽي جي ايشن سائوٿ اسٽڊيز مان Comparative history Religion جي عنوان تي ٻيهر 1978ع ايم اي ڪيائين، ان کانپوءِ يونيورسٽي آف ايڊنبرا ۾ The poetry of Shah Latif جي عنوان تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ داخلا ورتائين. بعد ۾ ڪراچي يونيورسٽي سان لاڳاپيل پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۾ تاريخ جي مضمون پڙهائڻ لاءِ جوائن ڪيائون، ان وچ ۾ 1991ع ڌاري کيس ”شاھ لطيف چيئر“ ۾ ڊائريڪٽر طور مقرر ڪيو ويو. جتي پاڻ 1996ع تائين خوش اسلوبي سان خدمتون سرانجام ڏنائين. پاڻ سنڌ جي اها پهرين عورت هئي جنهن شاھ لطيف تي چي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي، جنهن سبب خاندان جي ڪجھ فردن ختلاف پڻ رکيا ـ
 پاڻ شاھ تي مختلف ڪتاب مرتب ڪري شايع ڪرايائين. 1. شاهه جو رسالو (اردو، فاسي، انگريزي ۽ عربي ترجمي تي مشتمل). 2. ڪشف الابيات. 3. شاهه لطيف شاعري اور فڪر. 4. شاهه لطيف جي موسيقي 5. تحقيق جو طريقيڪار 6. شاهه لطيف ڪي ڪهانيان 7. شاهه لطيف جي ببليو گرافي. جيجيءَ جو شمار رڳو سنڌي ادب ۽ زبان جي نامور اديبن ۽ يونيورسٽي جي ماهر تعليم ۾ ئي نٿو ٿئي پر هوءَ وڏي سماج سڌارڪ به هئي. هن ”آل سنڌ وومين ايسوسيئيشن“ ٺاهي جنهن جي پاڻ چيئرپرسن به رهي. ان دؤران جيجي ڪراچي جي ڳوٺن ۾ غريبن لاءِ فلاحي ادارا ٺاهيا ۽ نواب شاهه ضلعي ۾ ٻوڏ جي دؤران متاثرين ۾ سيڌو ورهايو ۽ مفت علاج جون ڪئمپون لڳرايون ۽ ٻيون به ڪافي سماجي خدمتون سر انجام ڏنيون. سنڌ جي هيءَ باوقار ۽ باصلاحيت نياڻي ڪافي عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ 26 ڊسمبر 1997ع تي لاڏاڻو ڪري وئي ـ